ٽنڊوڄام (رپورٽ مبين مگسي )  ٽنڊي ڄام ۾ مڪاني چونڊن دوران پ پ لاءِ انوکي صورتحال ٿي وئي آهي، ڪيترن  ئي وارڊن تي سندس اميدوارن جا فارم رد ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ٽي ايم سي ٽنڊوڄام سان لاڳاپيل سورهن يونين ڪاميٽين جي اميدوارن جي ڇنڊ ڇاڻ وارو عمل مڪمل ٿي ويو آهي. جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ اميدوارن جا فارم رد ٿي ويا آهن. ٽن يونين ڪاميٽين تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين جوڙن سامهون پي ٽي آءِ اميدوارن جا فارم رد ٿي ويا آهن.يوسي 55 ۾ پيپلز پارٽي سامهون پي ٽي آءِ اميدوارن نويد احمد جهيجو ۽ شاهنواز جو فارم رد ٿيڻ سبب چيئرمين جوڙي لاءِ پيپلز پارٽي اميدوار فرمان خان کٽياڻ ۽ رسول بخش سپيو جي بنا مقابلي ڪاميابي يقيني ٿي وئي آهي. يو سي 57 تي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ پي ٽي آءِ جي اميدوار جوڙي زوهيب ڪليري ۽ اعجاز ابڙو جا فارم رد ٿيڻ سبب پيپلز پارٽي جي اميدوار جوڙي جان محمد مگسي ۽ لياقت ڪليري جي بنا مقابلي ڪاميابي جا چٽا امڪان پيدا ٿي ويا آهن. يو سي نمبر 57 جي وارڊ نمبر 3 ۾ جنرل ميمبر جي پيپلز پارٽي جي اميدوار محمد قاسم جو فارم رد ٿيڻ سبب تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو جنرل ميمبر جي اميدوار صادق رشيد جي بنا مقابلي ڪاميابي جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. يو سي 56 ۾ پاڪستان پيپلز پاٽي جي چيئرمين جي اميدوار علي اڪبر ٽڳڙ ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوار سيد شفقت شاهه ۽ جي يو آءِ جي چيئرمين جي اميدوار سعيد احمد ٽالپور ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوار عبيدالله ٽالپور درميان دوبدو مقابلو ٿيندو. جڏهن ته يو سي 56 جي وارڊ 2 ۾ پيپلز پارٽي جي جنرل ميمبر جي اميدوار الطاف حسين سامهون ڪنهن به اميدوار فارم جمع نه ڪرايو آهي.   يو سي 59 جي وارڊ نمبر 2 ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار جو فارم رد ٿيڻ سبب آزاد اميدوار امير دين مري جي بنا مقابلي ڪاميابي جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن. يوسي نمبر 60 تي چيئرمين جوڙي لاءِ پيپلز پارٽي جي اميدوارن ضلعي انفارميشن سيڪريٽري اسماعيل وساڻ ۽ مير ثناءُ الله جو پي ٽي آءِ جي اميدوار جوڙي مير الهداد ٽالپر ۽ عبدالشڪور وچ ۾ مقابلو ٿيندو. يوسي نمبر 60  تي جنرل ميمبر جي پيپلز پارٽي جي ٻن اميدوارن جا فارم رد ٿي ويا آهن. جنهن سبب يوسي جي وارڊ 3 تي پي ٽي آءِ جي سڪندر علي وساڻ ۽ وارڊ 4 تي پي ٽي آءِ جي اميدوار غلام حيدر جي بنا مقابلي ڪاميابي جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن. يوسي 61 تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين جوڙي جي امڪاني اميدوارن حسن ڌماچ ۽ جاويد ڌماچ جو فارم بحال ٿي ويو آهي. جڏهن ته جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ جي اميدوار جوڙن جا فارم به بحال ٿي ويا آهن. يو سي 62 جي وارڊ 1 ۽ وارڊ 2 ۾ سمورن اميدوارن جا فارم رد ٿي وڃڻ سبب ٻئي وارڊ خالي قرار ڏنا ويا آهن. يونين ڪميٽي 63 تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين جوڙي سيد حيدر شاهه ۽ محمد توفيق راجپوت، پي ٽي آءِ جي چيئرمين جوڙي عبدالتوحيد ۽ ارمان راڄپر ۽ چيئرمين جوڙي لاءِ آزاد اميدوار ساجن سوائي ۽ غلام قادر مگسي درميان مقابلو ٿيندو. يوسي 63 جي وارڊ 4 تي پيپلز پارٽي جي اميدوار محمد اسلم جي مدمقابل جا فارم رد ٿيڻ سبب سندس بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ جا امڪان آهن.  يوسي 65 ۾ چيئرمين جوڙي لاءِ پيپلز پارٽي ڪنهن به اميدوار کي ميدان ۾ نه لاهي سگهي آهي. يوسي 70 جي وارڊ نمبر 3 تي پيپلز پارٽي جي لياقت علي سامهون پي ٽي آئي جي اميدوار جو فارم رد ٿيڻ سبب سندس بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي. هوڏانهن پي ٽي آءِ کي ڪجهه يوسين تي اميدوار نه ملي سگهيا، نويد احمد جهيجو چئن يونين ڪميٽين 55، 58، 61، 62 تي چيئرمين جي اميدوار طور فارم جمع ڪرايا آهن. پر يوسي 55 ۽ يوسي 58 ۾ سندس تائيد ۽ تجويز ڪندڙ رٽرننگ آفيسر آڏو پيش نه ٿيڻ سبب ٻنهي يونين ڪميٽين ۾ پي ٽي آءِ اميدوار نويد جهيجو ۽ سندس وائيس چيئرمين لاءِ اميدوارن جا فارم ئي رد ٿي ويا آهن. ٻئي ايم آر ڊي تحريڪ جي شهيد گل محمد انڙ جو ڀاءُ الطاف انڙ پ پ ضلعي ڪائونسل جي اڳوڻي چيئرمين بدر ميمڻ سامهون آزاد اميدوار طور اليڪشن وڙهندو.