ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ٽنڊي ڄام ۾ پهرين بايو فرٽيلائيزر ليبارٽري قائم ڪري ڇڏي، ان حوالي سان زراعت کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته زرعي زمينن کي ڪيميڪل واري ڀاڻ سبب نقصان ٿي رهيو آهي، اسان کي نقصانن جا اثر گهٽائڻ لاءِ بايو فرٽيلائيزر طرف وڃڻو پوندو، زمين کي ڏنل بايو فرٽيلائيزر جو اثر 4 سالن تائين رهندو، بايو فرٽيلائيزر جي استعمال سان موسمياتي تبديلي تي به ضابطو آڻي سگهبو، انهي ليبارٽري ۾ زرعي سائنسدان آبادگارن کي سکيا ڏيندا.