ٽنڊوڄام(ن پ ا) ٽنڊي ڄام ويجھو نوجوان بي دردي سان ڪُهي قتل ٿي ويو آهي.  پوليس موجب شڪ آهي ته نوجوان کي عورت جي ڪنهن کي معاملي تي قتل ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ٽنڊوڄام ويجهو راهوڪي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ مراد شاهه ۾ انبن جي باغ ۾ نوجوان جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو. جنهن جي سڃاڻپ ڳوٺ مراد شاهه واسي 28 سالا شفيع محمد شاهه ولد الهڏنو شاهه طور ٿي. ڳوٺاڻن پاران لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو. جنهن بعد پوليس پهچي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو. جتي پوسٽ مارٽم بعد نوجوان جي مڙهه کي وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. انهي حوالي سان ايس ايڇ او راهوڪي قربان عاقلاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ابتدائي تحقيقات موجب نوجوان کي خنجر يا ڇري سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو آهي، نوجوان جي کيسي مان پئسا ۽ ٻيو سامان مليو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته وارثن پاران اڃا تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ڪرايو ويو. ٻئي پاسي نوجوان جي والد الهڏنو شاهه جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، منهنجي پٽ کي ناحق قتل ڪري مون سان ظلم ڪيو ويو آهي. قتل جي شفاف جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.