ٽنڊو ڄام ( ن پ ا) ٽنڊو ڄام جي مير ڪالوني واري علائقي مان مبينا طور هٿيارن جي زور تي 14 سالن جي ناري مبينا طور هٿيارن جي زور تي اغوا ٿي وئي، ٽنڊو ڄام ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، مليل ڄاڻ موجب ناري جي ڀاءُ شاهنواز رتڙ جي فرياد تي ٽنڊو ڄام ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، داخل ٿيل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چار هٿياربند گهر ۾داخل ٿي زور تي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي ڀيڻ شيرين رتڙ کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، پوليس ذريعن موجب پوليس شڪ جي بنياد تي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو اهي.