حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت ٽنڊو ڄام شهر جي مک مارڪيٽ توڙي ڪالونين مان برسات ۽ ڊرينيج جو پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ خلاف داخل درخواست تي ڊپٽي ڪمشنر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کيس سڀاڻي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٽنڊو ڄام سان تعلق رکندڙ مقامي وڪيلن سراج الدين سيال، نعمان سليم ميمڻ، عبدالرزاق ڏهر ۽ وقار احمد ميمڻ پاران گڏيل طور درخواست داخل ڪرائي وئي هئي. سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 8 جي عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد پبلڪ هيلٿ کاتي پاران جواب داخل نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 15 سيپٽمبر تي پبلڪ هيلٿ کاتي جي ڊائريڪٽر کي به شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کيس جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.