ٽنڊي ڄام مان مبينا اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ عورتون عدالت پهچي ويون

0
243

مٽياري (رپورٽر) ٽنڊي ڄام مان مبينا طور اغوا ٿي ويل نينگري جي بازيابي لاءِ وارث عورتون مٽياري جي عدالت پهچي ويون، ماءُ درياءُ خاتون جو چوڻ آهي ته ڳوٺ ساهڙ منگواڻو مان 12ورهين جي نينگري ارباب منگواڻو کي پنج ماڻهو اغوا ڪري کڻي ويا آهن، منهجي ڌيءَ کي غلام رسول، ذوالفقار، جاويد ۽ ٻين اغوا ڪري شاھپوردرپور ڀرسان رکيو آهي، پوليس پٽ ڪافي ڀيرا وئي آهيان ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، عورت پنهجي وڪيل ڪرشن ڪمار جي معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مٽياري جي عدالت ۾ 491 جي ڪارروائي لاءِ درخواست داخل ڪرائي.