ٽنڊوڄام(رپورٽ: مبين مگسي ) ٽنڊوڄام ۾ گيسٽرو زور وٺي ويو، جنهن بعد رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊو ڄام ۾ گيسٽرو جي مريضن لاءِ نيٺ ڌار وارڊ قائم ڪيو ويوآهي، جنهن تان پي  پي ايڇ آءِ ۽ صحت کاتي جي عملدارن ۾ ڪريڊٽ لاءِ جنگ شروع ٿي وئي. ان ڏس ۾ دسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آءِ ردا ٽالپر گيسٽرو وبا تي وارڊ قائم ڪرڻ واري معاملي تي ڊي ايڇ او لالا جعفر کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. انهي حوالي سان ردا ٽالپر جا ميسيج ۽ آڊيو ليڪ ٿيا آهن، جنهن ۾ ردا ٽالپر چيو آهي ته ڊي ايڇ او ڪوڙ ٿو ڳالهائي، وارڊ اسان قائم ڪيو آهي، محنت اسان ٿا ڪريون ڪريڊٽ ڊي ايڇ او کڻي ٿو وڃي، وارڊ بابت مونکان معلومات وٺي بيان ڏئي ڇڏيو اٿس، اها ڊي ايڇ او جي پراڻي عادت آهي. انهي حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ڊي ايڇ او جو چوڻ آهي ته اسان لاءِ هينئر پنهنجن ٻارن جي حياتي بچائڻ وڌيڪ آهي، ڪريڊٽ جو ڪوبه شوق ناهي، هن چيو ته صحت کاتي پاران گيسٽرو معاملي تي ڪيمپون لڳايون ويون آهن ۽ ڊاڪٽر فراهم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڊسٽرڪٽ مينيجر گيسٽرو جي ڪيسن تي واڌ تي اکيون پوري ويٺي آهي. هو ڊاڪٽر نه آهي انڪري کيس گيسٽرو بابت خبر ئي ناهي.