ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو) ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ مڪاني چونڊن جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن ، پاڪستان پيپلز پارٽي ، پاڪستان تحريڪ انصاف ، جي ڊي اي ، جمعيت علما اسلام ف ، جماعت اسلامي ، تحريڪ لبيڪ ، سنڌ نيشنل پارٽي ، سنڌ ترقي پسند پارٽي سميت مختلف بيٺل آزاد اميدوارن پاران پنهنجن پنهنجن تڪن ۾ چونڊ سرگرميون شروع ڪري علائقن ۾ ورڪ تيز ڪندي ڪئمپ آفيسون قائم ڪري ورتيون آهن ، مڪاني چونڊن ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي 28 يونين ڪائونسلن مان 18 تي چونڊون ٿينديون ، جڏهن ته ضلعي جي 10 يونين ڪائونسلن تي چيئرمين ، وائيس چيئرمين ۽ 8 يونين ڪائونسلن تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا بيٺل اميدوار اڳواٽ ئي  بنا مقابلي ڪيامياب ٿي چڪا آهن ، ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جو تعلق پاڪستان پيپلز پارٽي سان آهي ، جڏهن ته ٻن وارڊن سميت 33 جنرل ڪائونسلر به بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن ، جنهن مان 31 جنرل ڪائونسلرن جو تعلق پيپلز پارٽي ۽ 1 جو تعلق پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ 1 جو جي ڊي اي سان آهي ، ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ 1 ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو محمد خان  ۽ 2 ٽائون ڪميٽيون ٽنڊو غلام حيدر ۽ بلڙي شاھ ڪريم  آهن ، ضلعي ۾ 1 لک 66 هزار 21 مرد ووٽر رجسٽرڊ آهن جڏهن ته 1 لک 40 هزار 902 عورت ووٽرز جو رجسٽرڊ انگ شامل آهي ، ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ 230 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون ، ضلعي اندر 143 مختلف وارڊن ۽ يوسيز تي 450 اميدوار آمهون سامهون بيٺل آهن ، جن ۾ ڪانٽي جو مقابلو ٿيندو ، ياد رهي ته ٽنڊو محمد خان ضلعي ڪائونسل جو اڳوڻو چيئرمين سيد سعيد محمد ذيشان شاھ يوسي سعيد پور ٽڪر تان ضلعي ڪائونسل جي سيٽ جو اميدوار آهي سندس سامهون آزاد اميدوار ايڊووڪيٽ عبدالطيف سومرو بيٺل آهي  ، جڏهن ته ٽنڊو محمد خان جي يونين ڪائونسل ٽنڊوسائينداد تي پڻ پير خاندان جو نوجوان آمهون سامهون بيٺل آهن ، ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي آزاد اميدوار پير عمر جان سرهندي بيٺل آهي سندس سامهون پيپلز پارٽي جو اميدوار پير عاقب جان سرهندي آهي ، جڏهن ته يونين ڪائونسل تي آزاد اميدوار پير غلام مجدد جان سرهندي ۽ پ پ اميدوار پير ثاقب جان سرهندي ۾ چوٽي جو مقابلو آهي . ياد رهي ته ٽنڊو محمد خان جي سرهندي خاندان ۾ پهريون ڀيرو مڪاني چونڊن ۾ هڪ ئي خاندان جا نوجوان آمهون سامهون چونڊ وڙهي رهيا آهن