ٽنڊي محمد خان ۾ چونڊ ملتوي ٿيڻ باوجود اليڪشن ٽريننگ ڪرائي وئي

0
194
ٽنڊي محمد خان ۾ چونڊ

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ امتياز مڱريو) ٽنڊو محمد خان جي تعليم کاتي ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ هلندڙ تڪرار کلي سامهون اچي ويو آهي، جنهن ۾ تعليم کاتي پاران شهر جي گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾ 150 کان مٿي تعليم کاتي سميت ٻين کاتن جي ملازمن کي اليڪشن ٽريننگ ڪرائي ڇڏي آهي

مليل ڄاڻ موجب 2 ڏينهن اڳ جيتوڻيڪ 24 جولاءِ تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊن لاءِ مقرر پرزائيڊنگ آفيسرز سميت ٻي عملي کي پنهنجا آرڊر پڻ جاري ڪيا ويا آهن پر گذريل رات اليڪشن ڪميشن پاران 24 جولاءِ تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊون 28 آگسٽ تائين ملتوي ٿيڻ باوجود به ڪالهه تعليم کاتي 150 ملازمن کي اليڪشن ٽريننگ ڪرائي آهي

ٽريننگ ڏيندڙ ماسٽر ٽرينرن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان تعليم کاتي جي عملدارن جي هدايتن تي رهيل ملازمن کي ٽريننگ ڪرائي آهي ٻي پاسي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن نديم شيخ صحافين کي ٻڌايو ته اسان اليڪشن جون سموريون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون هنيون پر اليڪشن ملتوي ٿيڻ جي باوجود به تعليم کاتي بنا ڪنھن اجازت جي ٽريننگ ڪرائي آھي اھڙو ڪو به ثبوت ملڻ تي تعليم کاتي جي عملدارن خلاف ڪاروائي جي سفارش ڪئي ويندي