ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان ۾ شهر جي سومرا پاڙي علاج ڪرائڻ لاءِ اسپتال وڃڻ دوران مشهور لوڪ فنڪاره  ڳائيڻي سائره سومرو کي روڊ تان نامعلوم هٿياربند زبردستي مبينه طور اغوا ڪري پنهنجي خانگي گاڏي ۾ کڻي فرار ٿي ويا ، جنهن ۾ واقعي بابت پوليس کي اطلاع ڪرڻ ۽ بي سيڪشن ٿاڻي تي اچي اين سي داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ڪا به ڪاروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي، لوڪ فنڪاره سائره سومرو جي والد آمون سومرو ۽ ٻين چيو آهي ته سائره سومرو کي نامعلوم هٿياربندن زبردستي اسپتال وڃڻ دوران اغوا ڪيو آهي هُو بيمار هئي جنهن جي ڪري اسان کي سندس حياتي جو خطرو ٿي ويو آهي کيس ڪنهن اغوا ڪيو آهي ان بابت پوليس وٽ فرياد ڪرڻ باوجود پوليس ڪا به ڪاروائي ڪري نه سگهي آهي، اسان جي نياڻي کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي ، هنن اعلى اختيارين کان مشهور لوڪ فنڪاره ڳائيڻي سائره سومرو جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي .