ٽنڊو محمد خان (رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان ۾ سول جج سجاول عرفان علي خواجه جي والده ماجده لاڏاڻو ڪري وئي ، مرحومه کي سندس ابائي خواجه قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ، جنازي ۾ پ پ ايم پي اي سيد اعجاز حسين شاھ بخاري ، ايڊيشنل سيشن جج اشرف خواجه ، سول جج عظيم خواجه ،  آزاد الڪيشنري اتحاد جي سربراھ پير معصوم جان سرهندي ، پير عمر خليل جان سرهندي ،  اڳوڻي يوسي ناظم مير ڪاظم رضا ٽالپر ، پ پ اڳواڻ منور خواجه ، زاهد حسين خواجه  شهري اتحاد جي صدر نور حسن کوکر سميت علائقي جي اهم سياسي سماجي مذهبي شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.