ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊي محمد خان واسين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران 4 ڊسمبر وارو ڏهاڙو ٻوڏ متاثرين سندن ڏکن ، تڪليفن ۽ دردن سان گڏ  ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ، ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ساس جي چونڊن ۾ مرڪزي خزانچي جي عهدي تي بيٺل نامزد اميدوار اعظم ڀٽي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هر سال جيان هن سال به سڄي سنڌ جا اديب ، شاعر ۽ ليکڪ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي پاران اعلانيل 4 ڊسمبر ٻوڏمتاثرين سان يڪجهتي ڪري ملهائيندا ، هن چيو ته علي قاضي سنڌ جي ثقافت کي هميشه اجاڳر ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ، هن سال ٻوڏ متاثرين سان گڏ سندن ڏکن ۽ دردن ۾ شامل ڪرڻ جو سمورو ڪريڊٽ علي قاضي ڏانهن وڃي ٿو ، سول سوسائٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر جي ايم گل چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين اڃان تائين بي يارو مددگار آهن سنڌ جا ڪيترائي ضلعا اڃان تائين پاڻي هيٺ آيل آهن ۽ ماڻهو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ، 4 ڊسمبر جي ڏهاڙي تي اسان سڀني جي ذميواري آهي ته ٻوڏ متاثرين سان سندن ڏکن ۾ شامل ٿي سندن ڪجھ اهنج ختم ڪريون ، شهري اتحاد جي صدر نور حسن کوکر چيو آهي ته علي قاضي کي جس هجي جنهن سنڌ جي ڏکن ، تڪليفن کي پنهنجو سمجهي ايڪتا ڏهاڙي کي ملهائي رهيو آهي ، سنڏ جا ڪيترائي شهر هن وقت به برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن جنهن لاءِ اسان سڀني کي گڏجي متاثرين جي واهر ڪرڻي پوندي ، شاعر نثار احمد ناز چيو آهي ته اسان شاعرن هميشه پنهنجي قلم وسيلي سنڌ جي دردن کي لفظن ۾ بيان ڪيو آهي  ، علي قاضي کي سلام ٿا پيش ڪريون جنهن ايڪتا عيد سنڌ جي ٻوڏ متاثرين سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.