ٽنڊومحمد خان (رپورٽر) حيدرآباد_ ٽنڊو محمد خان روڊ تي موٽرسائيڪل ۽ ٽينڪر ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 30 ورهين جو فيضان ولد محمد اختر چيڀاٽجي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته رياض الدين ولد جمال الدين زخمي ٿي پيو ، حادثي ۾ فوت ٿيل ويل نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال ٽنڊو محمد خان آندو ويو ، جتان  ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جي لاش کي وارث پنهنجي گهر کڻائي ويا . هوڏانهن زخمي ٿيل جي پڻ حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي ويئي آهي .