ٽنڊومحمدخان (رپورٽ امتياز مڱريو) ٽنڊومحمدخان ڀرسان ڳوٺ ڀائي خان ٽالپر ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان ماڻهن جي گهرن اندر رات جي وقت داخل ٿي جادو ٽوڻي جا ڊپ ڏئي عورتن کي هراسان ڪندڙ ڀوپو ماڻهن جي هٿ چڙهي ويو، ڀوپي عبدالرحمان عرف ڪارو شيخ کي ڳوٺاڻن ڳوٺ ٻاهران بيٺل ڪمند جي فصلن مان تعويذن ۽ ڪاري علم جي سامان، موبائيل فون سميت پڪڙي شيخ ڀرڪيو پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻن مير خالد ٽالپر، مير اظهار، مير امجد ٽالپر ، عبدالرزاق، زاهد سنديلو، عمران شورو، علي نواز ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڄاڻايل ڀوپو رات جي وقت مختلف ويس پائي گهرن اندر ستل عورتن مٿان ڦيڻا پڙهي کين هراسان ڪندو رهيو آهي. گهر ڀاتين جي جاڳڻ تي هو مختلف شيون اڇلائي فرار ٿي ويندو هو، جنهن سبب سموري ڳوٺ ۾ سخت خوف هراس پکڙجي ويو هو، هنن چيو ته ڳوٺاڻن گذريل ڏينهن کان ڳوٺ جو پهرو ڏنو ۽ نيٽ گذريل رات دير سان ڀوپي کي پڪڙڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. پوليس کي گهرجي ته ڀوپي خلاف سخت ڪارروائي عمل هيٺ آندي وڃي، جئين اڳتي اهڙي قسم جا واقعا پيش نه اچي سگهن. هوڏانهن شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي ايس ايچ او اعجاز پنهيار پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڳوٺاڻا ڀوپي کي اسان وٽ ڇڏي ويا آهن سڀاڻي وري ايندا جنهن کان پوءِ سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو وڌيڪ پوليس جاچ ڪري رهي آهي.