ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو) گذريل رات دير سان ٽنڊو محمد خان ۾ سوشل ميڊيا تي برسات متاثرن لاءِ آيل امدادي سامان جي مزدا منتقلي جي وڊيو وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو وڃي پيو ته ٽيڪسٽائلز مل ايسوسئيشن پاران امدادي راشن وارا ڪٽا وڏي تعداد ۾ ريزڪي دڪان تي گاڏي مان لاهي منتقل ڪيا پئي ويا. جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ قومپرست عوامي اتحاد ۽ ٻين سماجي تنظيمن جا اڳواڻ جمن ملاح، زاهد جسڪاڻي، جاويد هاليپوٽو، دودو هاليپوٽو، منور سومرو ۽ ٻين ڄاڻايل هنڌ تي پهچي انتظاميه کي سموري معاملي کان آگاهه ڪيو ، جنهن کانپوءِ دڪان کي بند ڪيو ويو . سينئر سول جج عبدالستار گوپانگ ۽ ڪورٽ  نمبر ٽي جي جج اصغر سومرو دڪان تي پيل امدادي سامان وارن ڪٽن جي مڪمل ڳڻپ ڪرائي دڪان کي سيل ڪري ڇڏيو آهي ۽ وڌيڪ انتظاميه کي جانچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٻي پاسي منور ڪالوني جي هڪ گهر ۾ پڻ ٽيڪسٽائلز مل ايسوسي ايشن پاران مليل امدادي سامان  هٿ آيو، جنهن کي پڻ انتظاميه پنهنجي تحويل ۾ وٺي سٽي ٿاڻي تي منتقل  ڪري ڇڏيو آهي . اطلاع آهن ته هڪ پمپ تان پڻ امدادي سامان سان ڀريل گاڏي انتظاميه ساڳئي ٿاڻي تي پڻ منتقل ڪئي آهي. سٽي پوليس جي انتظاميه موجب جج صاحبان پاران انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي. ٻي پاسي قومپرستن ۽ سماجي اڳواڻن پاران واقعي جي شفاف نموني جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.