ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ڀرسان گهريلو پريشانين سبب پيرسن  گلي ۾ رسو وجهي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، لاش ايمبولينس نه هئڻ ڪري پوليس موبائيل ۾ اسپتال پهچايو ويو . ستر موري جي رهواسي 56 ورهين جي پيرسن علي حسن ملاح گهريلو پريشانين کان تنگ اچي گلي ۾ رسي وجهي آپگهات ڪري ڇڏيو ، جنهن جي اطلاع تي پوليس پهچي ايمبولينس نه ملڻ جي صورت ۾ لاش کي پوليس موبائيل ۾ وجهي ڊسٽرڪٽ اسپتال منقتل ڪيو ويو ، جتي ضروري ڪاروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ، پيرسن شخص جو لاش سندس گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو .