ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي ريلوي اسٽيشن جي فٽپاٿ ڀرسان 28 ورهين جي نوجوان شبير ولد عظيم حاجاڻو جو رت سان رڱيل تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي، جنهن جو اطلاع ملڻ تي پوليس لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي سرڪاري اسپتال پهچايو، جتي فوت ٿي ويل نوجوان جي پيءُ عظيم حاجاڻي، ڀاءُ عنايت حاجاڻي ٻڌايو ته لاش جنهن حالت ۾ مليو آهي. ان مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته کيس ڪنهن قتل ڪيو آهي، جسم تي رت جا نشان ظاهر آهن. هوڏانهن ايس ايچ او سٽي ارشاد شاهاڻي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته فوتي نشو پيئندڙ هو جنهن جي لاش وٽان اسان کي نشي جي انجيڪشن ملي آهي، جنهن جي ڪري سندس فوتگي جو سبب نشي جي انجيڪشن ٿي سگهي ٿو ۽ هو زمين تي ڪريو آهي، جنهن جي ڪري کيس ڌڪ لڳو آهي، جنهن مان رت ظاهر ٿي رهيو آهي، فوتي جي لاش جو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش گهر کڻائي ويا ، پوسٽ مارٽم جي رپورٽ 7 ڏينهن بعد ظاهر ڪئي ويندي .