ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊي محمد خان واسي نوجوان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، جنهن جي امڙ بيحال ٿي وئي آهي. ان ڏس۾ ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو شهر جي مشترڪه ڪالوني جي رهواسڻ پيرسن عورت ڪاري حاجاڻو سندس نوجوان پٽ جي گمشدگي خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته آئون غريب مسڪين آهيان ، گذريل ڏينهن منهنجو پٽ محبت حاجاڻو ڳوٺ حسين  خان لغاري ويو هو جتان هُو گم ٿي ويو آهي ، مون تمام گهڻي ڳولها ڪئي آهي پر هن جي ڪا به خبر نه پئجي سگهي آهي ، مون پٽ جي گمشدگي خلاف ٽنڊو محمد خان ٿاڻي تي درخواست ڏني آهي ،  هن وڌيڪ چيو ته صادق حاجاڻو ، سڌير حاجاڻو ، رياض ۽ ٻين مون کي پهرين به ڌمڪيون ڏنيون آهن ، مذڪوره ماڻهن ئي منهنجي پٽ کي گم ڪري ڇڏيو آهي ، هن ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان سميت اعلى اختيارين کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.