ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ: امتياز مڱريو ) ٽنڊو محمد خان ۾ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آهي، سول اسپتال ۾ بخار جي علاج جي لاءِ آيل هندو نوجوان کي پوليس اهلڪار لٺيون هڻي ڊوڙائي ڊوڙائي ڊرينيج کوهه ۾ آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. جنهنجا سي سي ٽي وي فوٽيجز وائرل ٿيا آهن. ٽنڊو محمد خان شهر جي ڀرسان رهندڙ 34 ورهين جو شادي شده 6 ٻارڙن جو پيءَ عالم ڪولهي بخار سبب ڊي ايچ ڪيو ۾ علاج واسطي آيو ته گيٽ تي موجود پوليس اهلڪار قادر بخش مئو کيس اسپتال ۾ اندر وڃڻ کان روڪيندي سندس مٿان لٺين جو وسڪارو شروع ڪري ڏنو. جنهن بعد پٺن اگهاڙو نوجوان عالم ڪولهي ڊوڙندي ڊوڙندي ڊي ايچ ڪيو اسپتال سامهون قائم ٿيل شهر جي ڊرينيج واري نيڪال واري کوهه ۾ ٽپو ڏئي  زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. رضا ڪارن پاران پوليس جي موجودگي ۾ ڏاڪڻيون رکي کوهه مان عالم ڪولهي جو لاش ڪڍي ڊي ايچ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوتگي جي تصديق ڪئي وئي . ضروري ڪاروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. اسپتال ٻاهران موجود فوتي پورهيت جي پيءَ پريم ڪولهي ۽ نوجوان جي زال شريمتي رنگو ڪولهي ۽ ٻين احتجاج ڪيو. هنن دانهيندي چيو آهي ته نوجوان کي بخار هو . علاج لاءِ سول اسپتال آيو هو  پر هن کي اسپتال جي گيٽ تان پوليس اهلڪار قادر بخش مئو ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ لٺين جو وسڪارو ڪري کيس زبردستي کوهه ۾ ٽپو ڏيڻ تي مجبور ڪري سندس جان وڃائي آهي. هنن چيو ته سي سي ٽي وي فٽيج ۾ پڻ ظاهر ٿي چڪو آهي ته پوليس اهلڪار قادر بخش مئو عالم ڪولهي کي لٺيون هڻي ڊوڙائي رهيو آهي. هنن چيو ته اسان غريب مسڪين پورهيت آهيون اسان سان ناانصافي ٿي آهي. سنڌ سرڪار ۽ وس وارا اسان سان انصاف ڪن ۽ واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪار خلاف فوري طور تي ڪاروائي ڪئي وڃي . ٻي پاسي ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عبدالله ميمڻ واقعي جو فوري طور تي نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي ۽ ڊي ايس پي عارف پرويز سولنگي جي نگراني ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي . جيڪا واقعي بابت جانچ ڪري رپورٽ ايس ايس پي حوالي ڪندي.