ٽنڊوغلام علي(ن پ ا) ٽنڊوغلام علي لڳ ڳوٺ پيراڻو شورو جي ڳوٺاڻن جو عورتن ۽ معصوم ٻارن سان گڏجي احتجاجي مظاھرو ڪري ٽنڊوغلام علي ٽنڊو محمد خان روڊ تي ڌرڻو ھڻي هنيو. مظاھرين علي ڏنو شورو منظور ماڇي حيدر شورو غلام علي ڪپري مسمات ڪريمان شريمتي لڇو ڪولهي ۽ ٻين دانهيو ته ھڪ پاسي برسات سبب اسان جا فصل ته مڪمل ٻڏي ختم ٿي ويا پر ڳوٺ محمد موسي خاصخيلي جي بااثر زميندار ڊاڪٽر غلام محمد خاصخيلي، امين خاصخيلي، علي نواز خاصخيلي ۽ ٻين پنهنجي ٻنين مان برساتي پاڻي ڪڍرائي واٽر کي ھٿرادو گهارو ھڻائي اسان غريبن کي ھٿن سان ٻوڙي رھيا آھن جنهن سبب 4 ڳوٺ تاج محمد شورو، ڳوٺ وشو ڪولهي، ڳوٺ حيدر شورو ڳوٺ، ڪرشن ڪولهي مڪمل طور ٻڏي ويا ۽ پاڻي جو رخ تيزي سان ڳوٺ پيراڻو شوري ڏانهن وڌڻ ڪري ڇنڊڻ جو پاڻي گهرن ۾ ڪاھي پيو جنهن جي ڪري اسان پنهنجا ننگ وٺي روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل آھيون. ڳوٺن مان پاڻي ڪڍرايو وڃي نه ته  ڊي سي بدين خلاف ماتلي حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو ھڻنداسين.