ٽنڊوغلام علي(ن پ ا) ٽنڊوغلام علي لڳ چاڪر شاخ کي 20 فوٽ گهارو فصل ۽ ڳوٺ پاڻي ھيٺ وڌيڪ ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو رپورٽ موجب بڪيراڻي سب ڊويزن جي چاڪر شاخ کي 93 آرڊي وٽان 20  فوٽ کان مٿي گهارو لڳڻ ڪري ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل ڀينڊي گوار مرچ ٽماٽر وونئڻ سميت بيٺل مڪمل فصل شاخ جي گهاري سبب پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا ڳوٺاڻن گهاري واري ھنڌ آبادگار اڳواڻ علي گل راٺوڙ, نديم راجپوٽ, منظور دستي, رضوان رند ۽ ٻين صحافين اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته چاڪر شاخ جي ايس ڊي او ايريگيشن سميت اعلي عملدارن کي اسان گهاري جو اطلاع ڪيو ليڪن ٻن ڪلاڪن کانپوء شاخ جو دارغو گهاري واري ھنڌ پهتو جنهن ڳوٺاڻن کي جواب ڏيندي چيو ته شاخ ۾ پاڻي مٿان کان بند آھي ھي پاڻي توھان جي آبادگارن ڇڍڻ ڪڍي شاخ ۾ ڇڏڻ ڪري گهارو پيو آھي آبادگارن صحافين کي ٻڌايو دارغو گهاري کي بند ڪرائڻ کان کتو جواب ڏئي روانو ٿي ويو بعد ۾ ڳوٺاڻن اڳوڻي ضلعي چئيرمين جي پٽ عبدالواحد ھاليپوٽي سان رابطو ڪيو جيڪو پڻ گهاري واري ھنڌ پهچي ڪرين مشين گهرائي گهارو بند ڪرايو ليڪن ھڪ ڪلاڪ بعد شاخ ۾ پاڻي جي تيز رفتاري سبب ٻيهر ساڳئي آر ڊي وٽان گهارو پئجي ويو ٻي طرف سماجي اڳواڻ رضوان رند صحافين کي وڌيڪ ٻڌايو ته گهارو شام تائين بند نه ٿيو ته پاڻي تيزي سان وڌي ڳوٺن ڏانهن رخ ڪيو آھي جنهن سبب ڳوٺ الهڏنو راٺوڙ ڳوٺ صابن دستي درگاھ پير سخي ڳوٺ احمد خان ٻٻر سميت آسپاس جا ڪيترائي ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو آھي گھارو بند ڪرائي عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.