ٽنڊوغلام علي (ن پ ا) ٽنڊوغلام علي_ ڊگهڙي مين روڊ ڇهون واٽر اسٽاپ وٽ روڊ جي پاسي ۾ ويٺل ٻوڏ متاثر پيرسن ميران زال موھن بجاڻو پنهنجي پوٽي کي روڊ جي ڪناري تي راند ڪرائي رھي ھئي ته موٽرسائيڪل سوار کين ٽڪر هنيو، نتيجي ۾   پيرسن ميران موقعي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس  پوٽو 5 ورهين جو  رميش بجاڻو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.