ٽنڊوغلام علي(ن پ ا) ٽنڊوغلام علي ڊگهڙي  روڊ رڪن پير قبرستان وٽ  ٽرڪ ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 24 سالا غلام رسول چهواڻ ۽ 25 سالا خميسو چهواڻ سخت زخمي ٿي پيا. ٻيو حادثو چاڪر بنگلا اسٽاپ لڳ موٽر سائيڪل ۽ ڪوچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڀيڻ ڀاءُ سميت 3  ڄڻا مسمات دلجهان پارس ۽  نوجوان امجد شاھ سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڳوٺاڻن کڻي اسپتال پهچايو جتي ڀيڻ سميت امجد شاھ ۽ سندس ڀيڻ دلهجان  غلام رسول ۽ خميسو چهواڻ سميت چئين ڄڻن جي حالت نازڪ ھئڻ ڪري حيدرآباد ريفر ڪيو