ٽنڊوغلام علي (ن پ ا) ٽنڊوغلام علي لڳ ڳوٺاڻي  وياجي کان تنگ ٿي پاڻ مٿان پيٽرول ھاري باهه ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾  ڳوٺ علي بخش خاصخيلي ۾ 55 ورهين جي  غلام حيدر خاصخيلي پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏني، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتان طبي امداد بعد ڪراچي منتقل ڪرڻ دوران ڳوٺاڻي رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ڳوٺاڻي جي فوتگي جو ٻڌي سندس ڀاءُ  غلام قادر کي صدمي ۾ دل جودورو پئجي ويو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن  فوتي ڳوٺاڻي جي  چاچي مير محمد ۽ سئوٽ غلام رسول خاصخيلي احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيندي چيو ته ڳوٺاڻي غلام حيدر پرائمري اسڪول ۾ پٽيوالو هو، هن وياج تي قرض کنيو هو، جنهن بعد قرضي کيس تنگ ڪندا هئا ۽ ڌمڪيون ڏيندا هئا، هڪ ڏينهن اڳ به قرضين سئوٽ جي گهر اچي کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، جنهن تان دلبرداشته ٿي سئوٽ آپگهات ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽِيس وٺي وياج تي قرض ڏيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.