ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر جي ڳوٺ سونا نگر جي رھواسين عورتن مردن ۽ ٻارڙن ڳوٺ سونانگر جي رھائشي بااثر عورت خلاف مظاھرو ڪيو. هنن الزام هنيو ته اسين پنھنجن ابن ڏاڏن کان ڳوٺ ۾ ويٺل آھيون منشيات ۽ فحاشي جو سرعام ڪاروبار ڪندڙ بااثر عورت شريمتي شامون ڀائي اسانجي پلاٽ تي سندس ھٿياربندن ذريعي قبضو ڪرڻ چاھي ٿي. هن حملو  ڪري ھڪ عورت شريمتي ريکا ڪولھي، اجيت ڪولھي ۽ شگن ڪولھي کي لٺين ۽ ڪھاڙين سان سخت زخمي ڪري ڇڏيو. ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته مذڪوره بااثر عورت خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي انصاف فراھم ڪيو وڃي.