ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا)  ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان ڳوٺ عرس پنهور جي  اسڪولي معصوم شاگردن شاگردياڻين  مڇر مار اسپري نه ٿيڻ ۽ بيماريون ڦھلجڻ سبب احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان ڏس ۾ مختلف ڳوٺن خير محمد لغاري؛ حاجي پوڙهو نظاماڻي؛ شڪور سيال  عرس ڪنڊرا، بابو چانڊيو ۾ به مڇر مار اسپري نه ٿي سگهيو آهي. رهواسين مطالبو ڪندي چيو ته لاڳاپيل انتظاميه فوري طور تحرڪ وٺي هوڏانهن موسميات کاتي پاران ٻيهر سنڌ ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جولائي ۾ ٿيندڙ برسات جو پاڻي مختلف علائقن مان اڃا تائين نيڪال نه ٿي سگهيو جنهن سبب گندگي هجڻ ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو مليريا سميت ڪيتريون ئي ٻيون خطرناڪ بيماريون ڦھلجڻ لڳيون آهن ڳوٺن گهرن علائقن مان جمح برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. ان موقعي تي اعجاز لاشاري ۽ ٻين ٻارڙن ٻڌايو ته من پسند ماڻهن جي گهٽين ۽ گهرن مان پاڻي ڪڍيو پيو وڃي ۽ اسان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. گهرن مان پاڻي نيڪال ڪري ڏنو وڃي ۽ مڇر مار اسپري ڪرائي ڏنو وڃي ته جيئن وڌيڪ پراسرار بيماريون ڦھلجڻ سبب انهن ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچي سگهجي.