ٽنڊي غلام حيدر:جوا جي اڏ تي ڇاپو، پوليس اهلڪار يرغمال

0
420

ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان جوا جي اڏي تي ڇاپي دوران ڳوٺاڻن هڪ پوليس اهلڪار کي يرغمال بڻائي ورتو، ڳوٺاڻن پوليس اهلڪار عبدالجبار جوڻيجو کي ڪيتري ئي دير تائين کٽ سان ٻڌي ڇڏيو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اهلڪار بنا جواز گهرن ۾ داخل ٿي تنگ ڪري رهيو هو، دانهن باوجود ڪوبه ازالو نه ٿيو، اهلڪار عبدالجبا جوڻيجو ڳوٺاڻن جي الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته پوليس جوا جي اڏي تي ڇاپو هنيو ته ڳوٺاڻا مڇرجي پيا ۽ کيس کٽ سان ٻڌي ڇڏيو، تر جي بااثرن سان ڳالهين بعد ڳوٺاڻن يرغمال بڻيل اهلڪار کي آزاد ڪري ڇڏيو.