ٽنڊوغلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر  جي تعلقي سول اسپتال ۾  سهولتون نہ هجڻ خلاف شھرين پپو ارباب جاويد ورياه غلام نبي ۽ ٻين  اسپتال آڏو احتجاج ڪيو. هنن چيو ته گذريل ٽن مهينن کان اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي بخار جي دوا بہ نٿي ملي ڳورهاري عورتن جو علاج نٿو ڪيو وڃي ايڪسري مشين بند ڪافي عرصي کان  پيل آھي مريضن جون ٽيسٽون نٿيون ڪيو وڃن  ڏينهن جي شفٽ جو هڪ ڊاڪٽر هجي ٿو رات جي وقت ڪو ڊاڪٽر ناهي هوندو ايمبولنس گاڏي  غير فعال آھي  اسپتال ريفر سينٽر بڻيل آھي آس پاس جا ماڻھون سرڪاري علاج لاء دربدر آھن هن   سنڌ حڪومت ۽ اختياريون مطالبو ڪندي چيو ته جلد نوٽس وٺي اسپتال ۾ سهولتون مهيا ڪيو وڃن.