ٽنڊو غلام حيدر ( ن پ ا ) ٽنڊو غلام حيدر  جي يونين ڪائونسل جمال الدين لاشاري ۾ بوائز پرائمري اسڪول مڊل اسڪول متارو چانڊيو ۾ اسڪول بلڊنگون زبون آهن. 1994 ۾ تعمير ٿيل عمارتون برساتن ۽ مرمت به نه ٿيڻ ڪري زبون ٿيون آهن. شاگردن ۽ والدين واحد بخش ؛ مٺو؛ حيدر؛ رجب؛ مهيار چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسڪول بلڊنگز ناڪاره ٿيڻ ڪري پڙھائي دوران اچانڪ ڪنهن الميي سبب وڏو جاني نقصان درپيش اچي سگهي ٿو تڪ جي چونڊيل نمائيندن به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو اسڪول جا آيل فنڊ به ڪرپشن جي ور چڙھي ويا 150 جي لڳ ڀڳ پڙھندڙ شاگردن جو مستقبل داء تي لڳل رهواسين پاران ڊي سي سميت ايجوڪيشن جي اعليٰ اختيارين کي لکت ۾ پڻ درخواستون ڏنيون پر اڄ تائين ڪنهن به عملي نوٽيس نه ورتو جنهن جي ڪري ڪافي شاگردن خوف ۽ ڊپ سبب اسڪول اچڻ به ڇڏي ڏنو آهي جڏهن ته اسڪول بلڊنگز ۾ فرنيچر پيئڻ جي صاف پاڻي واش روم سميت ڪي به سهولتون موجود ناهن ان ڪري سوين اسڪولي پڙھندڙ شاگردن کي سخت مشڪلاتون درپيش آهن، جلد نيون عمارتون ٺهرائي ڏنيون وڃن.