ٽنڊو رحيم خان( ن پ ا ) ٽنڊو رحيم خان لاشاري برادري جي عورتن پاران بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو احتجاج عابد لاشاري،محمود درويش، حسين ۽ مسمات شريفان پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرو ڪندڙ مسمات شريفان ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو تہ پاڙي ۾ رهندڙ بااثر ڀائر علي حسن لاشاري ۽ مير محمد لاشاري زبردستي اسان جي پلاٽ تي قبضو ڪري اسان کي حراسان ڪرڻ سان گڏ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڪوششون  ڪري رهيا آهن هنن ٻڌايو تہ اسان گهر ۾ لاچار ۽ بي وس عورتون ئي آهيون ٻہ ڇوڪرا آهن جيڪي بہ درويش آهن کائڻ پيئڻ لاء اسان پريشان آهيون بااثر علي حسن لاشاري ۽ سندس ڀاءُ مير محمد لاشاري اسان مٿان ڊي ايس پي کي شڪايت ڪئي ۽ ڊي ايس پي اسان کي گهرايو آهي پر اسان وٽ ڪرائي ڀاڙي جا ئي پئسہ ناهن تہ ڪيئن جوهي ڊي ايس پي وٽ وڃون؟ اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ بااثر ڀائرن مان اسان جي جند ڇڏائي وڃي.