ٽنڊو رحيم خان.( ن پ ا)  ٽنڊي رحيم خان ۾ منڇر ڪناري آباد ملاحن سهائتا لاءِ احتجاج ڪيو. ان ڏس ۾ ٽنڊو رحيم خان ويجهو منڇر ڍنڍ جي ڪناري تي آباد ڳوٺ شاہ حسن ۾ ملاح برادري پاران سرڪاري سهائتا نہ ٿيڻ خلاف  احتجاجي مظاهر  ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ يعقوب ملاح. سڪينه ملاح. خدا بخش ۽ ٻين پنهنجي ننڍڙن ٻارن سميت دانهيندي چيو ته تيز برساتن ۽ منڇر ۾ چاڙھ  سبب اسان جا ڪچا گهر ڪري پيا آهن گهرن م پيل سامان ۽ ٻيڙين کي نقصان  سبب مڇي جي شڪار تي به نه ٿا وڃي سگهون  سڀ گهر ڀاتي فاقہ ڪشي تي مجبور آهيون.  هن وقت تائين چونڊيل نمائندن سميت ضلعي انتظامیہ طرفان اسان جي ڪابه مدد نه ڪئي وئي آهي. هنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه. تڪ جي چونڊيل نمائندن  ۽ ڊي سي او دادو کي اپيل ڪئي ته اسان وٽ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ ٿي وئي اسان جي مدد ڪئي وڃي ۽ اسان کي خيما ڏنا وڃن جيئن برساتن کان بچي سگهون.