ٽنڊو رحيم خان (ن پ ا ) ٽنڊو رحيم خان لڳ ڳوٺ مراد خان جمالي ۾ قائم گورنمينٽ گرلز مڊل اسڪول چئن سالن کان بند آهي، جنهن خلاف رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرو ڪندڙ غلام علي جمالي،نعمان جمالي ۽ ٻين ٻڌايو ته نياڻين جي تعليم لاءِ اسڪول گذريل چئن سالن کان بند آهي جنهن سبب مراد خان جمالي سميت ڀرپاسي جون سوين نياڻيون تعليم جي زيور کان محروم بڻيل آهن جڏهن ته تعليم کاتي لاپرواهي ۽ لاتعلقي سبب نياڻين جي تعليم لاء قائم بلڊنگ جي سار سنڀال نه ٿيڻ سبب بلڊنگ کي برساتن م ڪافي نقصان پهتو آهي، هنن تعليم کاتي جي وزير سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته ڳوٺ مراد خان جمالي ۾ بند ٿيل گورنمنٽ گرلز مڊل اسڪول بابت نوٽيس وٺي اسڪول کي جلد کان جلد فعال ڪيو وڃي.