ٽنڊوباگو(ن پ ا) تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو جي ڊاڪٽرن پاران ٽنڊوباگو تعلقي جي ڳوٺ علي خان جمالي يوسي ڇٻرالو ۾ ڊائريا کان بچاءَ لاءِ ميڊيڪل  ڪيمپ لڳائي وئي. جتي تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو جي پيڊيا ٽريشن جي ماھر ڊاڪٽر تصور خواجه پنھنجي ٽيم سميت ڊائريا جي 103 مريضن جن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن جو علاج ڪيو ويو. رابطو ڪرڻ تي تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو جي ايم ايس ڊاڪٽر اسلم ڀرڳڙي ٻڌايو ته گهڻي گرمي ۽ خراب پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو ۽ ڊائريا جي مرض ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. جنهن ڪري ماڻهن کي گرمي کان بچڻ ۽ صاف پاڻي واپرائڻ گهرجي.