ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو جي ليٿ مشين جي مستري وقاص آرائين خلاف عزيز ترڪ، گل حسن، ۽ گل محمد جي اڳواڻي ۾ ڊرائيورن ۽ گاڏين جي مالڪن احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته مستري وقاص آرائين اوڌر تي ٽائر  وٺي ڏيڻ لاءِ 8 مهينا اڳ لال ملوڪ ترڪ کان شهزور گاڏي جا ڪاغذ، گل حسن ترڪ کان ڪلٽس ڪار جا ڪاغذ ۽ عزيز ترڪ کان سزوڪي جا ڪاغذ کڻي، مختلف وياجي سيٺن کان ڇھه لک رپيا کڻي گم ٿي ويو آهي. اهڙي دانهن مستري وقاص جي مائٽن کي ڏني ته الٽو هنن اسان کي دڙڪا ڏئي واپس روانو ڪري ڇڏيو هنن آء جي سنڌ ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته اسان سان انصاف ڪري گاڏين جا ڪاغذ واپس ڪرائي ڏنا وڃن ۽ فراڊي مستري وقاص تي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.