ٽنڊوباگو (رپورٽ: انور عباسي) ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو تي پيپلزپارٽي ٻن ڌڙن ۾ ورهايل هئڻ ڪري پارٽي اندر ئي هڪٻئي سان مقابلو ڪيو ويندو. ٽائون ڪميٽي جي 9 مان 7 وارڊن تي ٿيل اليڪشن ۾ 6 وارڊن تي پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا. آزاد اميدوار محمد يوسف ملاح ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي. ٽائون ۾ ارباب ۽ جمالي گروپ وٽ 4 ووٽ آهن، جڏهن ته مير ۽ پپو شاه گروپ وٽ 3 ووٽ آهن. ٻنھي گروپن پاران چيئرمين جي ڪرسي حاصل ڪرڻ لاءِ ڳٺ جوڙ جاري آهي. اڳوڻو ٽائون چيئرمين خان صاحب جمالي وري چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين تي محمد رفیق ميمڻ مظبوط اميدوار آهن. پپو شاه پاران سندس پٽ سڪندر علي شاه کي ٽائون جي وارڊ 7 مان اليڪشن ۾ کٽرائي يا مخصوص سيٽ تان نامينيٽ ڪرائي چيئرمين جي سيٽ تي مقابلي ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ان سان گڏ پيپلزپارٽي جو جهونو اڳواڻ يار محمد خاصخيلي وائيس چيئرمين جو متوقع اميدوار ٿي سگهي ٿو.