ٽنڊوباگو (نمائنده خاص) يونين ڪائونسل نمبر 38 سارنگ فقير ڪلهوڙو مان بيٺل پيپلزپارٽي ضلعي بدين جي جنرل سيڪريٽري حاجي سائين بخش جمالي ٽنڊوباگو ۾ جمالي هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سندس سامھون بيٺل مخالف اميدوار مير عادل ٽالپر جو فارم رٽرنگ آفيسر پاران رد ڪرڻ کان پوءِ هو بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو آهي. جڏهن ته ساڳي يونين ڪائونسل ۾  پيپلزپارٽي جي ٻن جنرل ڪائونسلرن سڪندر جمالي ۽ جعفر ڪلوئي جي سامھون بيٺل اميدوارن پاران هٿ کڻي وڃڻ ڪري، اهي پڻ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب بنامقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن. حاجي سائين بخش جمالي ٻڌايو ته پيپلزپارٽي عوام جي پارٽي آهي، جنهن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ وڏي دل کپي ٿي. مخالف ڌر پيپلزپارٽي جي اميدوارن سامھون زوري ماڻهن کي فارم ڀرايا آهن، جيڪي هاڻي پيپلزپارٽي جي مقبوليت کي ڏسي پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي حق ۾ دستبردار ٿي رهيا آهن.