ٽنڊوباگو(ن پ ا)  ٽنڊوباگو خانشاھ روڊ جي ڪناري تي هڪ مهيني کان وٺي گهارن جي پاڻي ۾ ڳوٺ ٻڏي وڃڻ ڪري ويٺل ڳوٺ عرس ملاح جي عورتن مردن ۽ ننڍڙن ٻارڙن پاران کين راشن، تنبو ۽ ٻيو امدادي سامان نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو. وڪيو ملاح، الهبخش، حليمان ۽ ساران جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڏهن ڏينهن کان وٺي بک تي ويٺل آهيون، ڊپٽي ڪمشنر بدين ۽ مختيارڪار ٽنڊوباگو ڪا به مدد نٿا ڪن. مختيارڪار صرف مخصوص ڳوٺن ۾ راشن ۽ تنبو ورهائي رهيو آهي. بدين ضلعي جي رليف جي فوڪل پرسن صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته راشن نٿا ڏيو ته اسان کي ٻارن سوڌو جيل موڪليو جتي زنده رهڻ لاءِ ماني ته ملندي.