ٽنڊي باگي ۾ موچي جي نياڻي پاران مڪاني چونڊ وڙهڻ جو اعلان

0
492
ٽنڊي باگي ۾ موچي جي

ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو جي وارڊ نمبر 2 جي رهواسڻ موچي جو ڪم ڪندڙ جڳو مل جي نياڻي ڪويتا ميگهواڙ پاران ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪويتا ميگهواڙ ٻڌايو ته هو انٽر پاس آهي ۽ سندس ڀاءُ ۽ پيءُ موچي جو ڪم ڪندا آهن. سندن تعلق هندو غريب گهراڻي سان آهي

هو پاڻ به ڀرت جو ڪم ڪندي آهي پر هن دفعي هو مڪاني چونڊن ۾ وارڊ نمبر 2 مان ڪائونسلر جي سيٽ تي مقابلو ڪندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هو ڪائونسلرجي سيٽ کٽڻ کان پوءِ ٽنڊوباگو جي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين طور اليڪشن وڙهندي

هن ٻڌايو ته هن پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پ۔پ۔پ جي مقامي قيادت وٽ ٽڪيٽ لاءِ فارم جمع ڪرايو آهي. ڪويتا ٻڌايو ته کيس پيپلزپارٽي جو ٽڪيٽ نه مليو ته هو آزاد اميدوار طور مقابلو ڪري  اليڪشن کٽي ويندي. ڪويتا جي والد جڳو ميگهواڙ ٻڌايو ته سندس نياڻي پڙهيل لکيل آهي ۽ اليڪشن ۾ حصو وٺي رهي آهي

ھي به پڙھندا

مڪاني چونڊون: بدين، لاڙڪاڻي ۽ شھرن ۾ سياسي سرگرميون شروع، گڏجاڻيون