ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو جي وارڊ نمبر 3 بچل شاه ڪالوني مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب رهواسين جو ٽنڊوباگو جهڏو روڊ تي ڊنگهر رکي روڊ بند ڪري الهڏنو خاصخيلي، محبوب علي ۽ حاجي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ڌرڻي سبب ٽنڊوباگو جهڏو روڊ تي هلندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ڌرڻي جي خبر پوڻ تي ٽائون انتظاميا وارا برساتي پاڻي ڪڍڻ لاءِ مشين کڻي پهچي ويا، جنهن بعد ماڻهن ڌرڻو ختم ڪري روڊ کولي ڇڏيو.