ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو ۾ سرڪاري سستي اگهه تي اٽي جي آيل گاڏي تي عوام جي پيهه ٿيڻ تي پوليس جي لٺ بازي خليفو قاسم جي رهواسي آسن ريٻاري جو پوليس جي لٺ بازي ۾ مٿو ڦاٽي پيو جنهن ڪري هو رت ۾ ڳاڙهو ٿي پيو جنهن کي تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو ۾ داخل ڪيو ويو. مهيني کان پوءِ ٽنڊوباگو شھر ۾ آيل سستي اٽي جي گاڏي تي عوام جو هجوم گڏ ٿي ويو هو. جنهن کي هٽائڻ لاءِ پوليس جي لٺ بازي ۾ اٽو وٺڻ لاءِ آيل نوجوان کي مٿي ۾ لٺ لڳڻ ڪري سندس مٿو ڦاٽي پيو. اطلاع تي زخمي نوجوان آسن ريٻاري جا وارث تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو پهچي ويا جن کي ٽنڊوباگو پوليس جي اهلڪارن منٿون ڪري معافي وٺي جان ڇڏائي. ٽنڊوباگو جي سماجي اڳواڻن سيد قمبر علي شاھ واقعي جي مذمت ڪندي ايس ايس پي بدين کان گهر ڪئي آھي ته سستو اٽو وٺڻ لاءِ آيل غريب ماڻهن تي پوليس پاران ڪيل لٺ بازي جو نوٽيس وٺي مٿن قانوني قدم کنيو وڃي.