ٽنڊو باگو (خاص نمائندو) ٽنڊوباگو تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 37 مير غلام محمد خان ٽالپر مان چيئرمين جي سيٽ تي بيٺل پيپلزپارٽي جي اميدوار حاڪم علي جمالي جي سامهون بيٺل علي نواز ٿيٻو جمالي هائوس ٽنڊوباگو تي پهچي پيپلزپارٽي ضلعي بدين جي جنرل سيڪريٽري حاجي سائين بخش جمالي  روبرو پيپلزپارٽي جي چيئرمين جي اميدوار حاڪم علي جمالي جي حق ۾ هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو. جنھن بعد پيپلزپارٽي جي چيئرمين جو اميدوار حاڪم علي جمالي بنامقابلي چيئرمين جي سيٽ تي ڪامياب ٿي ويو آهي. ان موقعي تي پيپلزپارٽي ضلعي بدين جي جنرل سيڪريٽري حاجي سائين بخش جمالي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تعلقي ٽنڊي باگي جي ٽن يونين ڪائونسلن تي پيپلزپارٽي جا پينل بنامقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن. جن جو اڱاري ڏينهن اعلان ڪيو ويندو. ٻئي پاسي يوسي ڏيئي مان ضلعي ڪائونسل تي پي ٽي آئي اميدوار ضياء الرحمان دل ۽ وارڊ نمبر 1 تي لعل بخش شورو جو فارم رد ڪيو ويو آهي. هنن ٻڌايو ته رٽرنگ آفيسر فارم جي جاچ پڙتال لاءِ 20 جولائي تي طلب ڪيو هو پر پ  پ اميدوار قبول کٽياڻ جي دٻاءُ تي منهنجو ۽ لال بخش شورو جو فارم رد ڪيو آهي. جنهن خلاف ڪورٽ ۾ انصاف لاء وينداسين.