ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو تعلقي جي ڳوٺ خميسو لاکاٽيو ۾ پرائمري اسڪول جي پڪي بلڊنگ ختم ٿي وڃڻ  ڪري 10 سالن کان وٺي اسڪول ۾ پڙهندڙ معصوم ٻار گرمي توڙي سردي ۾ کلي آسمان هيٺ پڙهڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته ٽي سال اڳ ڳوٺاڻن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺهرايل ڪچي لانڍي جي ڇت به ڪري پئي. اسڪول ۾ پڙهندڙ معصوم نياڻيون ۽ ڇوڪرا اڄ به کلي آسمان هيٺ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اسڪول جي بلڊنگ لاءِ ڳوٺاڻن پاران تعليم کاتي جي آفيسرن کي بار بارموڪليل درخواستن تي ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو آهي. رابطو ڪرڻ تي اسڪول مينيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين اعجاز لاکاٽيو ۽ اسڪول ۾ پڙهائيندڙ استاد سڪندر علي ڀرڳڙي تعليم کاتي جي وزير سيد سردار علي شاه ۽ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري کان گهر ڪئي آهي ته پرائمري اسڪول خميسو لاکاٽيو جي بلڊنگ تعمير ڪرائي، اسڪول ۾ پڙهندڙ معصوم شاگردن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.