ٽنڊو الهيار (رپورٽر) عثمان شاھ ھڙي ويجھو ڳوٺ جعفر جمالي جي ڳوٺاڻن ساجن لغاري امداد جمالي،  اڪبر جمالي جي اڳواڻي ۾ پيارولنڊ پوليس جي زيادتين خلاف خلاف سخت احتجاج ڪندي ٽنڊوالهيار_ پيارو لنڊ روڊ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو تہ پيارولنڊ پوليس منشيات فروشن بدران مسجد جي پيش امام تي جڙتو ڪيس داخل ڪري ھيسائڻ چاھي ٿي. ڳوٺاڻن ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي ٽنڊوالھيار کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او پيارو لنڊ خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، نئين ايس ايس پي ٽنڊو الھيار کي ايس ايڇ او پيارو لنڊ عبدالجبار رند خوش ڪرڻ لاء مسجد جي پيش امام خليق الزمان تي منشيات جو ڪيس ۾ چالان ڪري ڇڏيو آهي، ھنن چتاءُ ڏنو تہ مطالبو نہ مڃڻ تائين روڊ نہ کولينداسين.