ٽنڊوالهيار  (رپورٽر) ٽنڊ الهيار جي ميرپورخاص روڊ  تي ايندڙ ويندڙ شڪي  گاڏين کي روڪي چيڪ  ڪندڙ پوليس موبائل کي نامعلوم ٽرڪ ڊرآئيور زور دار ٽڪر هڻي ٽرڪ سميت فرار ٿي ويو. پوليس موبائل ۾ سوار پوليس اهلڪار سجاد علي ۔غلام مصطفا ڪوريو پٺاڻ ۔شوڪت ڪالرو ۔ خادم شيخ ۔شاهد ناهيون سميت 5 اهلڪار زخمي ٿي پيا زخمي اهلڪارن کي سول اسپتال ٽنڊوالهيار بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي ٽنڊوالهيار جي ڊي ايس پي قادر ميمڻ جو چوڻ آهي ته  ٽڪر هڻي فرار ٿيندڙ ٽرڪ جي ڳولا جاري آهي.