ٽنڊوالهيار (رپورٽ: نيازخاصخيلي)  3 ڏينهن اڳ ٽنڊوالهيار جي پوليس چيڪ پوسٽ تي گرفتار نوجوان سول اسپتال ٽنڊوالهيار ۾ فوت ٿي ويو، جنهن جي وارثن پاران پوليس مٿان ذهني ۽  جسماني تشدد ڪري مارڻ جا الزام هنيا ويا آهن. 35 ورهين جي نوجوان ڀورو خاصخيلي جي مبينا پوليس تشدد ۾ فوت ٿيڻ  واري واقعي تي خلاف پير ڪاٺي اسٽاپ تي لاش رکي حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. خاصخيلي اتحاد ٽنڊوالهيار جي اڳواڻ وڏيري محمد حسن خاصخيلي، بادشاھ خاصخيلي ۽ خاصخيلي برادري جي معززن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. فوتي ڀوري خاصخيلي جي ڀاء رسول بخش خاصخيلي چيو ته 3 ڏينهن اڳ ٽنڊوالهيار جي بي سيڪشن جي پوليس چيڪ پورسٽ جي انچارج الهوسايو نوهڙيو ڪچو شراب وڪڻڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو. آئون ۽ ٻيا ڳوٺاڻا هن کي ڇڏائڻ ويا سين ته پوسٽ انچارج اسان کان 2 لک رپيا گهريا. پيسا نه ڏيڻ تي پوليس نوجوان ڀاء کي ذهني ۽ جسماني ٽارچر ڪيو. سندس حالت خراب ٿيڻ تي پوليس چيڪ پورسٽ انچاج الله وسايو نوهڙيو گذريل رات نوجوان کي سول اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو، جتي نوجوان فوت ٿي ويو  ڌرڻي دوران حيدرآباد ميرپورخاص ويندڙ سوين گاڏيون بيھي ويون. ايس ايس پي ٽنڊوالهيار واقعي جو نوٽس وٺندي ٽنڊوالهيار جي سي آئي اي ڊي ايس پي عثمان لغاري کي فوتي نوجوان جي وارثن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ موڪليو. ڊي ايس پي سي آءِ اي وارثن کي لاش جو پورسٽ مارٽم ڪرائڻ تي راضي ڪيو ۽ کين يقين ڏياريو ته سندن ڪيس به داخل ڪيو ويندو ۽ جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو جنهن بعد فوتي نوجوان جي وارثن احتجاجي ڌرڻو ختم ڪري لاش کي پورسٽ ارٽم لا۽ سول اسپتال ٽنڊوالهيار پهچايو. ٻئي پاسي نوجوان ڀورو خاصخيلي جي قتل الزام هيٺ آيل اي ايس آء خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو ايس ايس پي فاروق بجاراڻي حڪم ڏيئي ڇڏيو، جنهن بعد بي سيڪشن ٿاڻي تي اي ايس آءِ الھوسايو مٿان فوتي جي ڀاء رسول بخش خاصخيلي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.