ٽنڊوالھيار (رپورٽر ) ٽنڊوالھيار شھر جي کتري پاڙي ۾ ٽه ماڙ جڳھه تي پلمبر جو ڪم ڪندڙ  40 ورهين  جو پورهيت رضوان ولد وارث علي قائم خاني پير ترڪڻ سبب ھيٺ ڪري  پيو، جنهن سبب هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. اھڙو اطلاع ٽنڊوالھيار جي اي  سيڪشن ٿاڻي تي اطلاع ڪيو ويو، جن لاش کي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ٽنڊوالھيار پھچايو، جتي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي، ڪيو، بعد مزدور جو لاش وارث گھر کڻائي گھر پھتا تہ زارون قطار روئندا رھيا.