ٽنڊو الهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي رندآباد ڪالوني جي رهواسڻ 15 ورهين جي فضيلا ماءُ ۽ پيءُ سان گڏجي پريس ڪلب پهچي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته آئون بيوٽي پالر جو ڪم سکندي آهيان، 2 ڏينهن اڳ آئون پالر کان گهر اچي رهي هئس ته رستي ۾ وڪيو نالي شخص پنهنجي ٻن ساٿين سان گڏجي مون کي شهر جي شهباز ڪالوني واري علائقي مان زبردستي اغوا ڪري ڪار ۾ وجهي اکيون ٻڌي نامعلوم جڳهه تي کڻي ويا، جتي مون کي يرغمال بڻائي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، هن چيو ته جوابدار روڊ تي ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، هنن چيو ته پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي،   پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران  اسان تي راڄوڻي ڪرڻ لاءِ  دٻاءُ وجهي رهي آهي، نينگري جي والد   حاڪم سومرو ٻڌايو ته جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.