ٽنڊو الهيار (ن پ ا): ٽنڊوالھيار چمبڙ روڊ يونين اسٽاپ تي عيد جي ٻئي ڏينھن تي ملهه راند جو ملاکڙو منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾سنڌ جي مختلف ضلعن بدين، ميرپور خاص ۽ سانگھڙ ضلعي جي ملهه پھلوانن حصو ورتو، ملهه راند جي اڳواڻي ٽنڊوالھيار ضلعي ملهه جي صدر گل منير ۽ جنرل سيڪريٽري علي بخش جسڪاڻي ڪئي، راند ۾ ملهه جا دلچسپ مقابلا ٿيا ملهه پھلوانن ۾علي حسن خاصخيلي، علي حسن ٿيٻو، غلام حسين سريوال بدين، احمد مري بدين، شاھنواز جسڪاڻي سميت ٻين ملهه پهلوانن به حصو ورتو، ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري ملهه ٽنڊوالھيار علي بخش جسڪاڻي پنھجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته اڄوڪو ملهه راند جو ملاکڙو اسان رانديگرن گڏجي ڪيو آھي  اسان ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالھيار کي ملاکڙي جي لاءِ آگاھي ڏني پر ان اسان جي ڪا به مدد نه ڪئي ۽ اسان کي ملاکڙي جي لاءِ ھڪ ڪرسي جي سھولت به نه ڏني ۽اسان جي سنڌ جي ثقافت ملهه راند کي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي ۽اسان جا ملهه جا رانديگر بيمار ٿين ٿا انھن جي پوئواري نه ٿي ڪئي وڃي، هن ثقافت کاتي کان گھر ڪئي ته اسان جي سنڌ جي ثقافت راند کي ٻين راندن وانگر اسان جي ملهه راند کي به سھولتون ڏنيون وڃن  ملاکڙي ۾ آيل مھمانن رئيس اسماعيل خان مري، شھزاد مري، ايوب جسڪاڻي، عثمان قائم خاني، ارشاد جسڪاڻي، مرتضيٰ اوٺو ۽ ٻين رانديگرن کي ڀرپور داد ڏنو.