ٽنڊوالهيار(رپورٽر) ٽنڊوالهيار ۾ اٽي سان گڏ عام واهپي جي شين جا اگھه به مهانگا ٿي ويا، جنهن سبب پورهيت سخت پريشان آهن، ان ڏس ۾ شهر ۾ اٽو 150 رپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو آهي، جڏهن ته  دال، کنڊ،تيل  چانور، مرچ جا اگهه به وڌي ويا آهن، پورهيتن موجب ته مهانگائي سبب سخت پريشان آهيون، ضلعي انتظاميا منافعي خورن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي، بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون، نوٽيس ورتو وڃي.