ٽنڊوالھيار ( رپورٽر)  ٽنڊوالهيار جي 100کان وڌيڪ شهرين سان  50 ڪروڙ کان وڌيڪ  جو مبينا فراڊ ٿيو آهي، شهري رقم وڌائي ملڻ جي لالچ ۾ پاڻ ڦرائي ويٺا.  ۽ نوجوان شھرين سان ڪروڙين روپيا فراڊ ڪري فرار ٿي ويو.  محسن خانزادي نالي شھري ڪاروبار جي نالي تي مختلف ماڻھن کان 50 ڪروڙ کان مٿي رقم ورتي. سوشل ميڊيا تي سندس فرار ٿي وڃڻ جي اطلاع کان پوء وڏي انگ ۾ پيئسا ڏيندڙ ماڻھو اي سيڪشن ٿاڻي تي پھچي ويا. فرار ٿيندڙ محسن خانزادو پنھنجي ايجنسي کي تالو لڳائي ويو. پوليس پاران جوابدار جي ڳولا جاري آهي. پهنجا لکين روپيا وڃائيندڙ شهرين ايس ايچ او کي ٻڌايو ته اسان ڪاروبار لاء رقم ڏني اسان کي منافعي جي لالچ ڏني بدلي ۾ محسن خانزادي اسانکي چيڪ ڏنا زرائعن کان معلوم ٿيو آهي ته ٽنڊوالهيار شهر جي قلعه ايريا ۾ محسن جي پاڪولا جي ايجنسي هئي جنهن ۾ پيسا لڳائيندڙ شهرين کي لک تي 10 هزارروپيا نفعو ڏيندو هو . محسن خانزادي کان هر مهيني نفعو وٺندڙ  ٻين ماڻھن کي ٻڌائيندا ۽ انهن جا لکين روپيا به  انهي وٽ جمع ڪرائيندا رهيا چمبڙ جي رهواسي ناصر قادري ٿاڻي ۾ انڪشاف ڪيو ته منهنجي ڀاء وسيم قادري محسن کي ڪاروبار لاءِ 70لک روپيا ڏنا .